شهيد سومرو

شهيد سومرو

شهيد سومرو

شهيد سومرو: ناليواري اديب ۽ شاعر شهيد سومري جو اصل نالو عبدالخالق ولد غلام محمد سومرو هو. سندس جنم 1933ع ڌاري ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. شهيد سومرو 1952ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو ۽ 1992ع ۾ رٽائر ٿيو. هن 1953ع ۾ ڳوٺ کان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ننڍپڻ کان ئي سندس لڳاءُ ادب طرف هو. سندس شاعري توڙي مضمون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’وڍيل ٿي وايون ڪري‘ ۽ ڪوٽڙيءَ جي تاريخ تي اهم ڪتاب ’ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم- لکيم‘ 1995ع ۾ رفتار پبليڪيشن ڪوٽڙي طرفان شايع ٿيل آهن. شهيد سومري جي ڪتاب ۾ ڪوٽڙي شهر ۽ تعلقي جي مذهبي، علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت خاڪا شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مشهور ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي.
شهيد سومري، فيبروري 2016ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ شهيد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو